پرويز علي محمد

پرويز، علي محمد: سنڌي زبان جي نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم ’پرويز‘ علي محمد جو پورو نالو علي محمد ميمڻ ولد محمد سليمان ميمڻ آهي. هو 2 سيپٽمبر 1945ع تي ڳوٺ لاکا، تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪيائين. 1968ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان زراعت ۾ بي. ايس. سي (آنرس) جي ڊگري ورتائين. ساڳئي سال گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي ۾ سائنس ٽيچر ۽ سال بعد ايگريڪلچر انسٽيٽيوٽ (ARI) ۾ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1971ع کان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائين. 1992ع ۾ عبدالغفور الستيءَ جي غير سرڪاري تنظيم ’الست‘ ۾ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر طور ڪم ڪيائين. سياسي سفر ۾ عوامي تحريڪ ۾ شامل رهيو ۽ 1973ع، 1977ع ۽ 1983ع ۾ جيل ويو.
علي محمد پرويز 1964ع کان ادب جي ميدان ۾ داخل ٿيو. پرويز سنڌي زبان جو پختو ۽ سٺو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ”سڻي تنهنجو سڏ“ (ڪهاڻيون: 1978ع)، (2) ”اسپار ٽيڪس“، (هاورڊ فاسٽ جي ناول جو ترجمو: 1998ع)، (3) ”رت جا ڦڙا“ (ڪهاڻيون: 1991ع)، (4) ”نئون ڳوٺ، پراڻو ڳوٺ“ (چيني طويل ڪهاڻيءَ جو ترجمو)، (5) ”فلسطين - جدوجهد آزادي“ (شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، ترجمـو)، (6) ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ (آمريڪي ناول، ترجمو)، (7) ”پنڌ اڻانگا پٻ جا“ (انٽرويو، ترجمو: 1986ع)، (8) ”پيءُ جا ڌيءَ ڏي خط“ (خط، ترجمو 2001ع)، (9) ”وڃايل مُرڪ“ (ڪهاڻيون 2006ع)، (10) ”لڙڪن جا نير“ (ناول 2006ع) ۽ ”پيهي جان پاڻ ۾“ (آتم ڪٿا: 2010ع) شامل آهن. هن وقت ميرپور بٺوري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو